وزير اعظم جي پگهار ۾ واڌ بابت ڪوڙيون خبرون پکيڙيون ويون: فردوس عاشق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزير اعظم جي پگهار ۾ واڌ بابت ڪوڙيون خبرون پکيڙيون ويون. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته ڪجهه تجزيه نگارن طرفان اِهو چيو ويو ته وزير اعظم جو پنهنجي پگهار مان به گذارو نه ٿي رهيو هو ته هن پنهنجي پگهار وڌائي ڇڏي آهي. هن چيو ته اِها بدقسمتي آهي ته اسان جي ميڊيا ۾ ڪجهه اهڙا ٽرينڊ ۽ ايجنڊا سيٽ ڪندڙ ماڻهو آهن جيڪي وزير اعظم جي ذات کي هدف بڻائڻ جو موقعو هٿ مان ناهن وڃڻ ڏيندا. خاص مددگار جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي پگهار ۾ واڌ جي حوالي سان ڪوڙيون خبرون پکيڙيون ويون جڏهن ته وزير اعظم حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي سڀ کان پهرين پاڻ تي لاڳو ڪئي. سندس چوڻ هو ته وزير اعظم هر ممڪن طريقي سان حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي مهم هلائي رهيو آهي پر ڪوڙين خبرن جي ذريعي قوم کي گمراهه ڪرڻ جي لاءِ نظريو پيش ڪيو ويو. پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي خاص مددگار جو چوڻ هو ته وزير اعظم شاهي خرچين کي ڪنٽرول ڪيو ۽ سادگي جو مثال بڻيو، ان کان سواءِ هن پنهنجا صوابديدي فنڊ بچائي قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا. فردوس عاشق اعواڻ اڳوڻن دورن جي وزير اعظمن جي باري ۾ چيو ته اڳوڻا حڪمران وارثن سان گڏ سرڪاري جهازن تي سفر ڪندا هئا. هن چيو ته عمران خان وزير اعظم هائوس ۾ رهائش بدران پنهنجي ذاتي رهائش کي ترجيح ڏني ۽ ماضي جي حڪمرانن جيان شو بازي ناهي ڪئي، ان ڪري ميڊيا تي زهر اوڳاڇڻ وارن کان اپيل آهي ته هو خابرو ذريعن کي سچ جي لاءِ استعمال ڪن. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي صورت ۾ پاڪستاني قوم کي اميد جو چراغ مليو آهي، پاڪستاني قوم عمران خان کي پنهنجي مسيحا جي روپ ۾ ڏسي ٿي. ڳالهه ٻولهه دوران هن ٻڌايو ته اڪرام سهگل ماضي ۾ به پاڪستان جي وزير اعظمن جي لاءِ تقريبن جو بندوبست ڪيو هو، هو پرڏيهه ۾ پاڪستاني ٿنڪ ٽينڪ هلائي رهيو آهي، ان ڪري اسان کي پنهنجي سياست ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي ملوث نه هئڻ گهرجي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *