وزير اعظم جي موجودگي ۾ خواجه آصف جيڪا زبان استعمال ڪئي ان تي ڏک آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو جوڊيشل ڪميشن ٺهي وئي ان لاءِ اسيمبلي ۾ واپس آياسين خواجه آصف جيڪا زبان استعمال ڪئي ان تي ڏک آهي سڀئي پارٽيون چون ٿيون ته ڌانڌلي ٿي پارليامينٽ آئيني ڪيئن آهي پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته بچاءُ واري وزير وزيراعظم جي موجودگي ۾ غلط زبان استعمال ڪئي پارليامينٽ ۾ ڪا تهذيب هوندي آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوڊيشل ڪميشن تي صحيحون ڪرڻ کانپوءِ سموريون پارٽيون اسيمبلي ۾ اچڻ جي دعوت ڏينديون رهيون، عمران خان چيو سڀني چيو اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي پوءِ اسيمبلي ڪيئن قانوني ٿي سگهي ٿي، اسيمبلين ۾ ان لاءِ آياسين ته جوڊيشل ڪميشن ٺهي وئي آهي ۽ اڄ يمن جي صورتحال سبب اسيمبلي آيو هوس پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ٽربيونل گاهه نه وڌي هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻڌايو وڃي مون ڪنهن کي گار ڏني آهي عمران خان چيو مولانا فضل لارحمان جي جاءِ تي مون کي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ها، اسيمبلي ۾ جيڪي حرڪتون ٿي رهيون آهن اتي ڪابه عقل جي ڳالهه نٿي ٿي سگهي ۽ جهڙي طرح جي پارليامينٽ آهي ان مان ڪابه اميد ناهي  هن جو اهو به چوڻ هو ته يمن جي تڪرار ۾ ڌر بڻجي وياسين هت ٺاهه ڪيئين ڪرائينداسين وزيراعظم کان مطالبو ٿو ڪريان ته اسان سان سچ ڳالهائي سعودي عرب سان ڪيل معاهدو ڪهڙو ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *