وزير اعظم جي عثمان بوزدار کي اسيمبلي ميمبرن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام وزير اعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي قومي اسيمبلي ميمبرن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي جي لاءِ وزير اعظم عمران خان به متحرڪ ٿي ويو، ان سلسلي ۾ هن پارليامينٽ هائوس ۾ سياسي معاملن واري خاص مددگار  عامر ڊوگر، وفاقي وزير نور الحق قادري، ساجد خان، گل ظفر، گل داد خان، امجد علي خان نيازي ۽ ملڪ غلام حيدر سميت ٻين سان ملاقاتون ڪيون. اسيمبلي ميمبرن سان ڪيل ملاقاتن دوران بچاءَ وارو وزير پرويز خٽڪ ۽ گهرو صلاحڪار شهزاد اڪبر به موجود هئا. ملاقاتن دوران اسيمبلي ميمبرن وزير اعظم کي پنهنجي تڪ جي مسئلن ۽ ٻين ڌيان طلب معاملن تي تفصيلي طور آگاهه ڪيو. بعد ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ گورنر چوڌري سرور به وزير اعظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ اليڪشن ۾ پنجاب جي سياسي صورتحال تي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي. وزير اعظم پنجاب جي وڏي وزير کي پنهنجي تڪن جي مسئلن ۽ ٻين ڌيان طلب معاملن تي تفصيلي طور آگاهه ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *