وزير اعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو جائز آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اٽي –کنڊ بحران تي رڳو وزيرن جي قلمدان تبديل ڪرڻ مان ڪم نه هلندو، پهريان به تحريڪ انصاف جي وزيرن تي الزام لڳا پر صرف عهدا تبديل ڪيا ويا، احتساب نه ٿيو،نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بلاول چيو ته موجوده بحران تي وزيراعظم کان استيعفيٰ جو مطالبو اُن ڪري جائز آهي ڇاڪاڻ ته پاڻ عمران خان به ماضي ۾ صرف الزام لڳڻ تي استيعفيٰ جو مطالبو ڪندو رهيو آهي، لاڪ ڊائون جي باري ۾ سوال تي بلاول چيو ته لاڪ ڊائون وڌائڻو آهي يا ختم ڪرڻو آهي، اهو عمران خان يا مراد علي شاهه نه پر ڪورونا وائرس ئي ٻڌائيندو، بلاول ڀٽو چيو ته نيب ۽ ماضي جي احتساب ڪميشن کي هميشه سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪيو ويو، نيب ميڊيا ۾ هٿ وجهي حد پار ڪئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *