وزير اعظم جو نلتر ۾ فوت ٿيل سفارڪارن کي ”ستاره پاڪستان“ ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم نوازشريف چيو آهي ته نلتر سانحي سبب پاڪستان جا سچا دوست هنن کان وڇڙي ويا،سموري قوم ڏک ۾ ورتل آهي. اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس ۾ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي وزير اعظم نوازشريف چيو ته هنن جون دليون ڏکايل ڪٽنبن سان گڏ آهن. هن چيو ته نلتر سانحي سبب پاڪستان جا سچا دوست هنن کان وڇڙي ويا. هن چيو ته فوج جي بهترين پائليٽن آخري وقت تائين مسافرن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. نوازشريف چيو ته ڏکئي وقت ۾ سڀ متحد آهيون. هن چيو ته عوام هالينڊ ۽ انڊونيشيا جي سفيرن جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهي. وزير اعظم متاثر ڪٽنبن کي خاطري ڪرائي ته فوتين جا مڙهه جلد سندن ڏيهه اماڻيا ويندا. تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو ته پولينڊ جي سفير ۽ سندس زال کي اسپتال مان گهر منتقل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجن حقيقي ۽ سچن دوستن کان محروم ٿي ويو آهي. ان موقعي تي سانحي نلتر تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. وزير اعظم نوازشريف ناروي ۽ فلپائين جي سفير لاءِ ستاره پاڪستان ۽ انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي سفيرن جي گهروارين لاءِ ستاره امتياز جو اعلان ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *