وزير اعظم جو سنڌ جي سياسي ميدان ۾ لھڻ جو فيصلو، تيارين جي ھدايت

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان آگسٽ کان سنڌ ۾ سياسي جلسا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. جلسا سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ٿيندا جن ۾ وڏيون شخصيتون تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿينديون ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان سنڌ جي حوالي سان عيد کان پوءِ هڪ ٻيو اجلاس گهرائيورتو اجلاس ۾ سنڌ پلان کي آخري شڪل ڏني ويندي ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان جون سنڌ ۾ پيپلزپارٽي مخالف سياسي قوتن سان ملاقاتون ۽ پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ به سنڌ پلان جو حصو هوندو ان کان علاوه مبينه ڪرپشن ۾ ملوث ۽ سياسي هيٿار بڻجندڙ بيورو ڪريٽس جي خلاف ڪارروائي تي مساورت ٿيندي ذريعن موجب عيد کان پوءِ اجلاس ۾ سنڌ ايڊوائزري ڪميٽي جا نالا به فائنل ٿيندا وفاق جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۾ رنڊڪن تي اهم فيصلا به عيد کان پوءِ ٿيندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *