وزير اعظم جو افغان صدر سان فون تي رابطو، لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف جو افغان صدر اشرف غني سان فون تي رابطو مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم نواز شريف، افغان صدر اشرف غني سان فون تي پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن خلاف جاري ڪاميابي ڪاررواين تي ڳالهيون ڪيون آهن، ترجمان چيو آهي ته ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفه لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظمهائوس جي ترجمان موجب، ميان نواز شريف، افغان صدر اشرف غني سان فون تي رابطو ڪري اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. ٻنهي اڳواڻن ۾ ٻه طرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ، ڳجهي ڄاڻ جي مٽا سٽا ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ترجمان موجب، وزيراعظم ۽ افغان صدر ۾ پاڪ-افعان سرحد تي دهشتگردن خلاف جاري ڪامياب ڪاررواين تي به غور ڪيو ويو. وزيراعظم هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق پڻ ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *