وزير اعظم جو احتساب ڪا به سازش ناهي نه وري انتقام،  هو هاڻ نه بچندا: قمر الزمان ڪائره

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر الزمان ڪائره چيو آهي ته حڪمرانن جا عالمي طور تي ڌاڙا پڪڙيا ويا آهن،  وزير اعظم جي ٻارن جي بچڻ جو ڪو به امڪان ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر الزمان ڪائره چيو ته وزير اعظم جو احتساب ڪا سازش ناهي ۽ نه ئي وري ڪو انتقام، نواز شريف جي هڪ هڪ ڏوهه جا تفصيل سامهون اچي رهيا آهن، جيڪو جلعسازي ڪندو اهو جيل ويندو، هاڻ ته هڪ ٻئي صاحب جو به اگامو سامهون اچي ويو آهي، پ پ اڳواڻ چيو ته سياسي احتجاج يا ريلي کان ڪنهن کي نٿو روڪي سگهجي، پاڪ پتڻ ۾ اسان جي ٽن ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا، عدالت اسان جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي هراسان ڪرڻ جو نوٽيس وٺي. گو نواز گو واري تحريڪ کي وسعت ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي وري اڀري رهي آهي، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف قربانيون ڏنيون، پ پ متاثر خاندانن سان گڏ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *