وزير اعظم تي سنگين غداري جو ڪيس هلڻ گهرجي: پيپلز پارٽي

اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پيپلز پارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه ايران ۾ دهشتگردي بابت ڏنل بيان تي وزيراعظم عمران کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان تي آرٽيڪل 6 تحت سنگين غداري جو ڪيس هلڻ گهرجي.  هن ايران وڃي اهو مڃو آهي ته دهشتگرد اسان جي سرزمين تان وڃي حملا ڪندا آهن، هن اها ڳالهه ڪئي جيڪا اڄ تائين ڪنهن نه ڪئي هئي، مٿس آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي، عمران خان کي ايران ۾ وڃي اهو چوڻ گهرجي ها ته ايران مان دهشتگرد آيا ۽ اسان جي 14 جوانن کي شهيد ڪري هليا ويا.

خورشيد شاهه چيو ته خدا کي مڃو رحم ڪيو اوهان پاڪستاني آهيو، پاڻ چئو ٿا ته ڇهه ڀيرا مودي فون ڪئي پر اها ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهيو، اوهان پاڪستان ۽ مسلمانن جي دشمن مودي جي ڪاميابي لاءِ دعائون پيا ڪريو ، پاڪستان جو وزيراعظم غيرت مند هوندو آهي جيڪو ڀارت ۽ مودي جي اڳيان جهڪي نٿو سگهي.

وزير اعظم عمران خان طرفان بلاول ڀٽو کي ”صاحبه“ چوڻ تي پيپلز پارٽي سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو هڪ قومي سياسي پارٽي جو چيئرمين آهي، اهڙي قسم جا جملا وزير اعظم جي منصب جي شان ۾ ناهن. پيپلز پارٽي جي مرڪزي ترجمان مولا بخش چانڊيو چيو ته جلسن ۾ بيهي گدڙ ڀڀڪيون ڏيڻ آسان آهي، بلاول ڀٽو زرداري وٽ  پرچي ناهي شهيدن جي ميراث آهي، احتساب جي نالي تي انتقام کان نه پهرين ڊناسين ۽ نه هاڻ ڊڄنداسين جڏهن ته آصف زردراي پهرين به باعزت بري ٿيو هاڻ به ڪامياب ٿيندو.

هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تحريڪ بي انصاف جي چيئرمين ڪجهه ڳالهيون هڪ اجتماع ۾ ويهي ڪيون آهن اُهي ئي ڳالهيون هو ايوان ۾ ڪري ڏيکاري، عمران خان وزير اعظم بڻجڻ کان پهرين چيو هو ته آئون هن ايوان ۾ باقاعدگي سان ايندس پر اهڙا ماڻهو اچي ويا آهن جنهن سان عمران خان اڄ تائين مليو ئي ناهي.

مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته هاڻ حڪومت سندس پارٽي جي نالي پر ٽيڪنوڪريٽس جي آهي، عمران خان ٻڌائي ته هو ڪڏهن حفيظ شيخ سان مليو؟ ۽ گهرو وزير اعجاز شاهه عمران خان جو ٽيم جو حصو ناهي رهيو.

سينيٽر شيري رحمان وزير اعظم کي تنقيدن جو نشانو بڻائيندي چيو ته جرمني ۽ جاپان جا بارڊر گڏائيندڙ عمران خان پنهنجي ذات ۾ هڪ لطيفو آهي جيڪڏهن پ پ ملڪ تباهه ڪيو ته عمران خان اسان جي ڪابينا سان پنهنجي حڪومت ڇو هلائي رهيو آهي؟ حيراني ٿي رهي آهي ته هڪ ملڪ جو وزير اعظم ايتري سطح ۽ ڪريل تنقيد به ڪري سگهي ٿو، عمران خان کي سليڪٽ ڪرڻ وارا پهرين هن کي ميانوالي جو ڪونسلر بڻائن ها.

ٻئي پاسي سنڌ جي سڌُ سماءَ بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب وزير اعظم جي بيان تي رد عمل ۾ چيو ته بلاول ڀٽو هڪ قومي سياسي پارٽي جو چيئرمين آهي، وزير اعظم جيان سليڪٽڊ ناهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *