وزيراعليٰ سنڌ پاران سليمان لاشاري قتل ڪيس جي جاچ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته سليمان لاشاري قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ان جي والده سان مشورو ڪري هڪ سينيئر پوليس آفيسر مقرر ڪيو وڃي. سليمان لاشاري جي والده مسز ارم ناز پاران پريس ڪانفرنس ۾ لڳايل الزامن کي رد ڪندي سيد قائم علي شاهه چيو ته قتل جي جاچ سان ان جو ڪوبه تعلق نه آهي ۽ اهڙي طرح جي معاملن ۾ هو ڪڏهن به مداخلت ناهي ڪندو. ياد رهي ته سليمان لاشاري کي 8 مئي تي هڪ ٻئي ڇوڪريقتل ڪيو هو ۽ اهو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي. وزيراعليٰ سنڌ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي کي هدايت ڪئي آهي ته هو سليمان لاشاري جي والده سان رابطو ڪري ان جي مشوري سان جاچ آفيسر مقرر ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *