وزيراعظم ۽ فضل رحمان وچ ۾ ملاقات، اپوزيشن جماعتن ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ذميواري فضل رحمان حوالي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف پاناما ليڪس معاملي تي اپوزيشن جماعتن ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ واري ذميواري مولانا فضل رحمان جي حوالي ڪئي آهي، ذريعن مطابق وزيراعظم نواز شريف سان مولانا فضل رحمان ملاقات ڪئي جنهن دوران پاناما ليڪس سميت سياسي صورتحال ۽ قومي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن اپوزيشن طرفان پيدا ٿيل سياسي بحران کي منهنن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو، نجي ٽي وي مطابق وزيراعظم پاناما معاملي تي اپوزيشن ۾ اتفاق راءِ جي ذميواري فضل رحمان کي ڏني آهي، جڏهن ته مولانا فضل رحمان ان معاملي تي وزيراعظم جي موقف جي تائيد ڪندي پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *