وزيراعظم ڪراچي ۾ دفاعي نمائش آئيڊيا 2014ع جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم نواز شريف دفاعي نمائش آئيڊيا 2014ع جو افتتاح ڪري ڇڏيو افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن جو چوڻ هو ته خودمختاري جو تحفظ پهرين ترجيح آهي پاڪستان مضبوط ترين دفاعي ملڪ آهي وزيراعظم آپريشن ضرب عضب جو هدف هر صورت ۾ حاصل ڪرڻ جو عزم به ڪيو، وزيراعظم نواز شريف دفاعي نمائش آئيڊيا 2014ع جو افتتاح ڪيو دفاعي نمائش ۾ ايئر ڪرافٽ،ٽينڪ، جديد هٿيار ۽ ٽيڪنالوجي جي مهارت، دفاع لاءِ جديد ترين فوجي سامان موجود آهي، وزيراعظم ميان نواز شريف نمائش کي خطاب ڪندي چيو ته جديد دفاعي سامان صرف ترقي يافته ملڪن جو استحقاق ناهي هن جو چوڻ هو ته پاڪستان وٽ هن وقت مضبوط ترين دفاعي نظام آهي خودمختاري جو تحفظ رياست جي پهرين ترجيح آهي وزيراعظم چيو ته خودمختاري جو تحفظ هر ملڪ جي پهرين ترجيح آهي، قومي سلامتي کي پيش ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ رياست کي هر وقت تيار رهڻو آهي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته قبائلي علائقن ۾ امن قائم ڪري رهنداسين آپريشن ضرب عضب ڀرپور طريقي سان جاري رهندو، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪ کي دهشتگردي کان علاوه غربت ۽ بيروزگاري جهڙا مسئلا به سامهون آهن قبائلي علائقن ۾ امن قائم ڪري رهنداسين ڪراچي جي ايڪسپور سينٽر ۾ جاري دفاعي نمائش آئيڊياز 4 ڊسمبر 2014ع تائين جاري رهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *