وزيراعظم ڪراچي کي 650 ميگاواٽ بجلي فراهمي معاهدي ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف، ڪي اليڪٽرڪ کي 650 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي لاءِ نئين معاهدي جي اصولي منظوري ڏيندي بجلي بريڪ ڊائون بابت 48 ڪلاڪن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته سڪيورٽي ادارا ٽرانسميشن لائينز جو تحفظ يقين بڻائين، مستقبل ۾ اهڙي واقعن کان بچڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ توانائي بحران بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بجلي گهرن کي فرنس آئل جي فراهمي، گردشي قرضن وارن معاملن ۽ ڪراچي کي 650 ميگاواٽ بجليءَ جي فراهمي واري معاهدي ۾ واڌ سميت  ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف وزيراعظم نواز شريف کي بجلي جي بريڪ ڊائون بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آهستي آهستي بجلي جي فراهمي بحال ٿي رهي آهي، اڄ شام تائين سموري ملڪ ۾ بجلي جي فراهمي بحال ٿي ويندو. وزيراعظم نواز شريف بجلي جي بريڪ ڊائون بابت 48 ڪلاڪن اندر ٽيڪنيڪي رپورٽ طلب ڪندي هدايت ڪئي ته سڪيورٽي ادارا ٽرانسميشن لائين جو تحفظ يقيني بڻائين، مستقبل ۾ اهڙي واقعن کان بچڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ وزيراعظم نواز شريف پاران ڪي اليڪٽرڪ کي 650 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ نئين معاهدي جي اصولي منظوري ڏني وئي، معاهدو سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *