وزيراعظم ڪراچي آپريشن جي ٻئي مرحلي جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم نوازشريف ڪراچي آپريشن جي ٻئي مرحلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم نوازشريف پي اي ايف بيس ڪراچيءَ ۾ امن امان بابت اعليءَ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان شرڪت نه ڪئي. جڏهن ته سنڌ جو وزير سيد قائم علي شاهه شريڪ ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ صولت مرزا جي الزامن کانپوءِ سنڌ جي گورنر کي هٽائڻ بابت غور ويچار نه ڪيو ويو. اجلاس دوران وزيراعظم نوازشريف جو چوڻ هو ته مان ڪراچيءَ ۾ مڪمل طور تي امن ڏسڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچيءَ ۾ آخري ڏوهاريءَ جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو وڃي. هن چيو ته اسين ڪراچيءَ جون روشنيون ٻيهر بحال ڪرائينداسين. وزيراعظم رينجرز کي آپريشن بابت مڪمل طور تي پٺرائي ڪئي ويندي. اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وزيراعظم کي فوجي ڪورٽ بابت بريفنگ ڏني. ذريعن موجب وزيراعظم ڪراچيءَ ۾ آپريشن جي ٻئي مرحلي جي منظوري رينجرز کي ٽارگيٽ ڪلرن جي انڪشافن کانپوءِ هٿياربند وند ۾ ملوث ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي گرفتارين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي پوليس پاران وزيراعظم ميان محمد نوازشريف کي تازو ٽارگيٽيڊ آپريشن جي رپورٽ پيش ڪئي ويئي آهي رپورٽ ڪراچي آپريشن جي 565 ڏينهن جي ڪارڪردگي تي ٻڌل آهي جنهن ۾ آپريشن کان اڳ جي 565 ڏينهن سان پوليس جي تازي ڪارڪردگي جي ڀيٽ ڪئي ويئي آهي هي رپورٽ اربع تي ڪراچي پوليس پاران وزيراعظم محمد نوازشريف جي صدارت پي اي ايف بيس فيصل ۾ ٿيندڙ اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويئي رپورٽ ۾ ڪراچي آپريشن جي 565 ڏينهن جي ڀيٽ آپريشن کان اڳ جي 565 ڏينهن سان ڪئي ويئي آهي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي آپريشن ۾ پوليس کي خاص ڪاميابيون مليون آهن 5 سيپٽمبر 2013 کان 23 مارچ 2015 تائين جي 565 ڏينهن بابت ڪراچي پوليس جي دعويٰ آهي ته مجموعي طور پوليس مقابلن ۾ مختلف ڏوهن ۾ ملوث 200 ڏوهاري مارجي ويا جڏهن ته آپريشن کان پوءِ 565 ڏينهن ۾ 895 ڏوهاري مارجي ويا آپريشن کان اڳ 1810 پوليس مقابلا ٿيا جڏهن ته آپريشن کان پوءِ 2687 مقابلا ٿيا ڪراچي آپريشن کان اڳ 1347 قتل جا ڏوهاري گرفتار ٿيا آپريشن کان اڳ 283 ڀتاخور بعد ۾ 487 گرفتار ٿيا اغوا جا 79 جوابدار گرفتار ٿيا جڏهن ته بعد ۾ 108 گرفتار ڪيا ويا آپريشن جي دوران 2014 ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ سميت مختلف واقعن ۾ 142 اهلڪار شهيد ٿيا جڏهن ته 2015 ۾ هن وقت تائين هي انگ صرف 28 آهي ڪراچي پوليس جي دعويٰ آهي ته هن ڪراچي آپريشن جي 565 ڏينهن جي دوران 50 هزار 9 ماڻهو گرفتار ڪيا جڏهن ته پهرين ڏينهن ۾ 39 هزار 319 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ڪراچي پوليس وزيراعظم کي پيش ڪيل پنهنجي رپورٽ ۾ اها به دعويٰ ڪئي ته شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *