”وزيراعظم پاناماليڪس بابت وضاحت ڪري“ مخالف ڌر ٻنهي ايوانن جو بائڪاٽ ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:گڏيل مخالف ڌر پاناما ليڪس تي وزير اعظم نواز شريف کان پارليامينٽ ۾ اچي وضاحت جو مطالبو ڪندي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو بائڪاٽ ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسان جا ٽي او آرز وزير اعظم تائين پهچڻ کان اڳ ئي رد ڪيا ويا. ملڪ جي بقا جمهوريت ۾ آهي، وزير اعظم کي ايوان ۾ اچڻ گهرجي، وزير اعظم نه آيو ته اجلاس ۾ نه ڳالهائينداسين .قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ٿيو. اجلاس ۾پاناما ليڪس ڪميشن جي ٽي او آر تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته   اسان جھيڙو نٿا چاهيون، وزير اعظم اچي ايوان ۾ موقف پيش ڪري. هن چيو ته اسان جا ٽي او آرز وزير اعظم خلاف ناهن. وزير اعظم وڏي عهدي تي آهي،ان ڪري پهرين ان جو احتساب ٿئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ڊيوڊ ڪيمرون ايوان ۾ اچي وضاحت ڪري سگھي ٿو ته نواز شريف ڇو نه؟ وزير اعظم ايوان ۾ اچي ته ٽي او آر تي اتفاق ٿي سگھي ٿو. هن چيو ته وزير اعظم اسان کي دهشتگردن سان نه ڀيٽي. هن ايوان ۾ دهشتگردن جي ڪا گنجائش ناهي، هوڏانهن پاناما ليڪس  تي وزيراعظم نواز شريف پاران سينيٽ ۾ وضاحت نه پيش ڪرڻ تي مخالف ڌر جي پارٽين بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ، اعتزاز احسن چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف سينيٽ ۾ وضاحت نه ڏئي ايوان جو وقار مجروع ڪيو آهي، ۽ وزيراعظم پاناما ليڪس تي لڪندو ٿو وتي، تفصيل موجب گذريل ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ّدوران اپوزيشن پارٽين وزيراعظم نواز شريف تي لڳايل الزامن تي ايوان کي وضاحت نه ڏيڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ، بائيڪاٽ ڪندڙناپوزيشن پارٽين ۾ پ پ ، ايم ڪيو ايم  ، پي ٽي آءِ، پشقتو ملي پارٽي ۽ اي اين پي شامل آهن، بائيڪاٽ کان پهريان سينيٽر اعتزازا حسن سينيٽ ۾ چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف پاناما ليڪس تي لڪندو ٿو وتي  ۽ وضاحت نه ڏئي ڪري ايوان جو وقار مجروع ڪيو آهي، جنهن تي اپوزيشن پارٽين بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جيستائين وزيراعظم وضاحت پيش نه ڪندو تيستائين اپوزيشن پارٽيون بائيڪاٽ ۾ رهنديون،سينيٽر راجا ظفر الحق اپوزيشن پارٽين کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اپوزيشن پارٽين اجلاس ۾ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ۽ مسلسل بائيڪٽ تي رهيون، اعلان ڪيو آهي ته پاناما ليڪس جي حوالي سان اپوزيشن پارٽين حڪومت کي هر سطح تي ٽف ٽائم ڏيڻ جي فيصلي تي سينيٽ ۾ هوڪا عالم ڇائنجي ويو آهي، جنهن باعث اپوزيشن پارٽين جي عدم موجودگي تي سينيٽ جي ڪارروائي ۾ شامل سمورين پارٽين طرفان شامل ڪيل تحريڪن ۽ بلز کي ملتوي ڪيو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *