وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ ارب رپيا ي امداد جو اعلان

گهوٽڪي(ڊ ر) وزيراعظم ميان محمد نواز شريف چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي درياءَ جي حفاطتي بندن کي مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن ٻوڏ کي  هميشه لاءِ روڪي علائقي واسين جي زرعي زمينن توڙي گهرن کي محفوظ ڪري سگهجي. وزيراعظم نوازشريف چيو ته رليف لاءِ کنيل قدم درست آهن پر هاڻي سڄي توجه ٻوڏ کي رڪڻ تي هئڻ گهرجي. گهوٽڪي ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڪيمپ جي دوري جي موقعي تي خطاب ۾ هن چيو ته کيس ٻوڏ متاثرن سان همدردي آهي، ڏکئي وقت ۾ هو متاثرن سان گڏ آهي، هن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته متاثرن کي گهر ڇڏڻ تي افسوس آهي. هن چيو ته رليف جا ڪم پنهنجي جاءِ تي پر هاڻي سڀني کي گڏجي ٻوڏ کي روڪڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته سمورا صوبا ۽ وفاقي حڪومت کي گهڻو پئسو ٻوڏ کي روڪڻ تي خرچ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جا کنيل قدمساراهه جوڳا آهن جيڪا متاثرن کي ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪري رهي آهي. روشني لاءِ سولر پينل ڏنا ويا آهن، گرمي ۽ حبس کان بچڻ لاءِ جيڪڏهن پکن جو انتظام هجي ها ته بهتر آهي. وزيراعظم وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ هڪ ارب روپين جي امداد جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته متاثرن جي بهتري لاءِ وڌيڪ ڪوششو ڪندو رهندس. هوڏانهن قادرپور شينڪ بند تي بريفنگ وٺڻ بعد ٻوڏ متاثرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير آبپاشي ۽ اطلاعات نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير صحت ڄام مهتاب حسين ڏهر، صوبائي وزير زراعت علي نواز خان مهر ، بحالي واري کاتي جو صوبائي صلاحڪار علي حسن هنگورجو ۽  ايم.پي.اي احمد علي پتافي سميت چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ،  اين.ڊي.ايم.اي جو چيئرمين ميجر جنرل (ر) اصغر نواز، آٰءِ. جي سنڌ، پي.ڊي.ايم.اي جو ڊائريڪٽر جنرل سيد سلمان شاهه ۽ ڪمشنر سکر محمد عباس بلوچ وزيراعظم سان گڏ هُئا. ان موقعي تي وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيراعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه ۽ سندس وزير ڏينهن رات بندن جي نگراني ڪري رهيا آهن، ٻوڏ متاثرن کي ڪچي واري علائقن مان ڪڍي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي جيڪو سنڌ حڪومت جو هڪ بهتر قدم آهي جڏهن ته ٻوڏ متاثرن کي انتطاميه پاران سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ته جيئن سندن مشڪلاتون گهٽجي سگهن. هُن چيو ته ضلعي گهوٽڪي جي ٻوڏ متاثرن سان همدردي تحت هُن قادرپور شينڪ بند جو دورو ڪيو آهي ته جيئن ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪري سگهجي، هُن اعلان ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي هڪ ارب روپيا فراهم ڪيا ويندا. هُن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي حفاظتي بندن کي مستقل بنيادن تي مضبوط بڻائين ته جيئن هميشه لاءِ سيلاب کي روڪي سگهجي. ان کان اڳ وزيراعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه آجياڻيو خطاب ڪندي چيو ته اسين وزيراعظم ميان نواز شريف جا ٿورائتا آهيون ته هُو ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪهي آيو آهي. هن چيو ته 2010 واري مها ٻوڏ کانپوءِ سنڌ جي حفاظتي بندن کي پنهنجي وسيلن تحت 6 فوٽ مٿي ڪيو ويو آهي ته جيئن ٻوڏ کي روڪي سگهجي ان موقعي تي هُن وزيراعظم کي چيو ته فيڊرل فلڊ ڪميشن تحت سنڌ جي بندن جو مرمتي ڪم ڪرايو وڃي ته جيئن ٻوڏ کان هميشه لاءِ بچي سگهجي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير نثار احمد کهڙي وزيراعظم کي چيو ته درياءَ جي ٻنهي طرفن کان حفاظتي بندن کي حفاظتي اپائن تحت اسٽون پچنگ ڪرائي هميشه لاءِ سيلاب کي روڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن جي زندگين ۽ سندن ملڪيتن کي بچائي سگهجي. ان کان اڳ سيڪريٽري آبپاشي سيد ظهير حيدر شاهه ۽ ڪمشنر سکر محمد عباس بلوچ وزيراعظم کي حفاظتي بندن جي ڪم ۽ ٻوڏ متاثرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ متعلق تفصيلي بريفنگ ڏني. بعد ۾ وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان وراهيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *