وزيراعظم پاران وفاقي ادارن کي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سمورن وفاقي ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته خدمتن جي فرا140917103523_nawaz_sharif_shahbaz_sharif___304x171__nocreditهمي کي بهتر بڻائڻ، بدعنواني جي خاتمي ۽ سرڪاري ادارن تي شهرين جو اعتماد ۽ رابطو وڌائڻ جي لاءِ شهرين جي راءِ جي نگراني جي پروگرام (سي ايف ڊبليو پي) تي عملدرآمد ڪيو وڃي. سي ايف ڊبليو پي هڪ جديد پروگرام آهي، جنهن تي سڀ کان پهرين پنجاب ۾ عملدرآمد شروع ڪيو ويو، هي هڪ فعال حڪمت عملي تي ٻڌل پروگرام آهي جنهن جو مقصد مختلف خدمتن جي فراهمي مان فائدو حاصل ڪندڙن جي وچ ۾ هڪ ٺوس رابطو قائم ڪرڻ آهي، خدمتن جي معيار بابت وفاقي ادارن کي آگاهه ڪيو ويندو، ڪابينا ڊويزن کي وفاقي ادارن جي اندر ان نظام تي عملدرآمد جي نگراني ڪرڻ ۽ وزيراعظم آفيس کي باقاعدگي سان ان حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

Author: editor

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *