وزيراعظم پاران بزدار جي استعيفيٰ قبولڻ کان انڪار، ڪم جاري رکڻ جي هدايت

اسلام آباد/لاھور(م.ڊ/اين اين آءِ) پي ٽي آئي جي اڳواڻ عليم خان جي خلاف پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بزدار کلي ميدان ۾ اچي ويو عثمان بزدار قيادت کي پيغام ڏنو ته عليم خان وڏي وزير طور ڪنهن به صورت قبول نه آهي هن چيو ته چوڌري پرويز الاهي کي عهدو ڏنو وڃي يا مون وٽ رهڻ ڏنو وڃي. عثمان بزدار جي ذريعن چيو ته عليم خام قابل قبول نه آهي. اسيمبلي ميمبرن ۾ به ان جي خلاف ڪاوڙ آهي ذريعن مطابق عثمان بزدار قيادت کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو چوڌري پرويز الاهي وڏي وزير جي مثبت جذبن تي شڪريو ادا ڪيو وڏ وزارت جي حوالي سان سندس نالو تجويز ڪرڻ تي چوڌري پرويز الاهي وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ٻئي پاسي ذريعن مطابق پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آئي جا 183 اسمبلي ميمبر آهن ۽ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي اتحادين سان 198 ميمبر آهن پنجاب ۾ حڪومت اتحادي (ق) ليگ جا 10، آزاد 4، ۽ هڪ اسيمبلي ميمبر راه حق پارٽي جو آهي جڏهن ته اسيمبلي ۾ اپوزيشن پارٽين وٽ 173 اسيمبلي ميمبر آهن جن ۾ (ن) ليگ جا 165، پيپلزپارٽي جا 7 ۽ هڪ آزاد ميمبر اپوزيشن سان آهي، ذريعن مطابق ڪنهن به پارٽي کي پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ 186 ووٽ گهرجن ٿا ان لاءِ جهانگير ترين گروپ جا 20 ميمبر (ن) ليگ جو ساٿ ڏين ته بزدار حڪومت ختم ٿي سگهي ٿي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير استعيفيٰ ڏئي ڇڏي پر وزيراعظم استعيفيٰ قبول نه ڪئي. عثمان بزدار چيو ته استعيفيٰ ذريعي مسئلا حل ٿين ٿا ته وڏي وزير جو عهدو ڇڏيندس، عمران خان ۽ پارٽي سان گڏ آهيان ۽ رهندس. وڏي وزير وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي مهرباني، اوهان مون کي پنجاب جو وڏو وزير بڻايو، مون کي ڪنهن به عهدي جو لالچ ناهي. ذريعن موجب وزيراعظم وڏي وزير عثمان بزدار کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي،

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *