وزيراعظم پاران افغانستان لاءِ 5 ارب رپين جو امدادي پيڪيج منظور، مڪاني چونڊن لاءِ پارٽي کي ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهڻ جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي عوام لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي 5 ارب رپين جي امدادي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم افغانستان لاءِ قائم ايپيڪس ڪميٽي جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين، آرمي چيف جنرل قمر باجوا باجوا، قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف ۽ ٻيا شريڪ هئا. معيد يوسف ڪميٽي کي افغانستان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، جنهن کانپوءِ انساني همدردي ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ خاطر افغانستان لاءِ 5 ارب رپين جي امدادي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي. امدادي شين ۾ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ، سياري لاءِ سامان، دوائن ۽ ميڊيڪل جو سامان شامل آهي. ڪميٽي افغانستان مان پاڪستان اهم درآمدن تي سيل ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي اصولي منظوري به ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي سرحدن ۾ داخل ٿيندڙ سڀني افغان شهرين لاءِ ڪورونا جي مفت ويڪسينيشن جاري رهندي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان پنجاب ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ پارٽي کي ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهڻ جي هدايت ڪئي آهي،  ذريعن موجب وزيراعظم بلدياتي چونڊن لاءِ مضبوط پارٽي اميدوار ڳولڻ لاءِ ڪميٽي پڻ ٺاهي ڇڏي، جنهن ۾ چيف آرگنائيزر پي ٽي آءِ سيف الله خان نيازي، عامر ڪياني ۽ مڪاني ادارن وارو وزير ميان محمود رشيد شامل آهن، ڪميٽي بلدياتي چونڊن بابت سمورن علائقن جي صدرن سان به مشاورت ڪندي، ڪميٽي پنجاب ۾ ميئر ۽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمينن لاءِ مضبوط پارٽي اميدوارن جي ڳولا ڪندي ۽ مڪاني چونڊن لاءِ مضبوط پارٽي اميدوارن تي ڪم ڪندي، وزيراعظم عمران خان اها به هدايت ڪئي آهي ته پنجاب لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ کي جلد کان جلد اسيمبلي مان پاس ڪرايو وڃي ۽ جلد مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ قانوني عمل مڪمل ڪيو وڃي، ان کان علاوه عمران خان اميدوارن جي چونڊ، پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ هم خيال پارٽين کان تجويزون تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *