وزيراعظم ٻڌائي ته هـُن پيپلزپارٽي کي ڳٺ جوڙ جي ڪيتري قيمت ادا ڪئي؟:عمران خان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته آخرڪار حڪمران جماعت نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڳٺ جوڙ جي سچائي سامهون اچي وئي آهي، وزيراعظم نواز شريف ٻڌائي ته هـُن پيپلزپارٽي کي ڳٺ جوڙ جي ڪيتري قيمت ادا ڪئي آهي.؟ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته هـُن هميشه اها ئي ڳالهه ڪئي هئي ته نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۾ ڳٺ جوڙ آهي پر ان تي تنقيد ڪئي وئي. عمران خان چيو ته چوڌري نثار پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ تصديق ڪئي ته نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۾ ڳٺ جوڙ آهي. پي ٽي آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته ايتري سالن تائين اپوزيشن ۽ حڪومت ۾ ڳٺ جوڙ رهي، وزيراعظم نواز شريف ٻڌائي ته ان ڳٺ جوڙ جي ڪيتري قيمت ادا ڪئي آهي.؟ واضح رهي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، ڪالهه پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي حڪومت ۾ ڳٺ جوڙ آهي، خورشيد شاهه حڪومت کان وڏا فائدا ورتا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *