وزيراعظم ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پهچي ويو، شاندار استقبال

آستانه(م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاريَ دوري تي قازقستان پهچي ويو، جتي هـُو قازق صدر، هم منصب ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪري ٻطرفن لاڳاپن، خطي جي صورتحال توڙي عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. وزيراعظم نواز شريف قازقستان جي صدر نور سلطان ابيش وِچ نذر بائيوف جي دعوت تي آستانا پهتو. قازقستان جي گادي واري شهر آستانا پهچڻ تي وزيراعظم نواز شريف جي شاندار آجيان ڪئي وئي. ٻن جي دوري دوران وزيراعظم نواز شريف قازقستان جي صدر نور سلطان ابيش وِچ نذر بائيوف ۽ وزيراعظم ڪريم ماسيموف سان ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن دوران مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون وينديون. وزيراعظم نواز شريف سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به گڏ آهي، جن ۾ واپار وارو وزير خرم دستگير، مملڪتي وزير ڄام ڪمال، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ ٻيا شامل آهن..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *