وزيراعظم نواز شريف پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ واري تجويز رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ واري تجويز رد ڪري ڇڏي،سندس چوڻ آهي ته هــُنن ڪڏهن به اهو ناهي چيو ته بجلي جو بحران 6 مهينن يا هڪ سال اندر حل ٿي ويندو. وزيراعظم نواز شريف اسلام آباد هاءِ وي سگنل فري جي واڌ واري منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطابڪندي نواز شريف چيو ته هاءِ وي سگنل فري منصوبو 24 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، هـُو اسلام آباد جا روڊ عالمي سطح جا ڏسڻ چاهين ٿا. وزيراعظم اعلان ڪيو ته ايندڙ مهيني پيٽروليم جي شين جي اگهن ۾ واڌ نه ڪئي ويندي هــُو اوگرا جي سفارش کي رد ڪري ٿو. نواز شريف چيو ته هنن اهو ڪڏهن به ناهي چيو ته هـُو ڇهن مهينن اندر بجليءَ جو مسئلو حل ڪري وٺندا، هِن وقت لوڊشيڊنگ ختم نه ٿي ڪري سگهجي. وزيراعظم قوم کي اپيل ڪئي ته بجلي نه اچي ته صبر مان ڪم ورتو وڃي. هن چيو ته قومي ناڻو لٽيندڙن ۽ قومي منصوبن ۾ دير جي ذميوارن جو احتساب ٿيڻ گهــُرجي، ڪشمير ايڪسپريس هاءِ وي ۾ بدعنواني جي جاچ ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته ميٽرو بس منصوبي جا مخالف اڄ حمايت ڪري رهيا آهن، قوم جو پئسو ڪٿي خرچ ٿي رهيو آهي ان جو حساب ٿيڻ گهرجي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *