وزيراعظم نواز شريف پاڻ استعيفيٰ نه ڏني ته خوار ٿي ويندو: سراج الحق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف پاڻ استعيفيٰ نه ڏني ته خوار ٿي ويندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته  سپريم ڪورٽ ڪرپشن جي خاتمي جو فيصلو ڪري ته کين ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. هن چيو ته پاڪستان جا ٻار ۽ ايندڙ نسل قرضي ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته گار گند ۽ گوڙ ڪرڻ ڪرپشن جي مسئلي جو حل ناهي. سراج الحق چيو ته پاناما ليڪس ڪيس ۾ حڪمرانن پنهنجي انجام کي ڏسي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاناما وزيراعظم جي پنهنجي ڪرتوتن جو عمل آهي، عدالتي سازش ناهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جي تقرير ۽ پنهنجا لفظ ئي کيس ڦاسائي رهيا آهن. سراج الحق چيو ته وزيراعظم نواز شريف لاءِ بهتر آهي ته پاڻ ئي استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *