وزيراعظم نواز شريف وفاقي وزير زاهد حامد جي استعفيٰ منظور ڪري ورتي

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير زاهد حامد جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. خاص عدالت پاران غداري ڪيس ۾ زاهد حامد جو نالو شامل ڪرڻ واري حڪم بعد زاهد حامد سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزارت تان استعيفيٰ ڏني هئي. ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف، زاهد حامد جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته زاهد حامد غداري ڪيس ۾ نالو شامل ڪرڻ واري حڪم بعد قانوني مشاورت پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ زاهد حامد، اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز ۽ اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڊوگر جو نالو شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *