وزيراعظم نواز شريف جي نه اچڻ تي مخالف ڌر پارٽين ٻئي ڏينهن به قومي اسيمبلي جو بائڪاٽ ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو)  وزيراعظم نواز شريف پاران قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نه اچڻ تي مخالف ڌر جي پارٽين ٻئي ڏينهن به اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو، قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته مخالف ڌر جي پارٽين پاران وزيراعظم نواز شريف جي اچڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جنهن تي سڌسماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته وزيراعظم جمعي تي ايوان ۾ ايندو ۽ مخالف ڌر جي اٿاريل سوالن جا جواب ڏيندو، پرويز رشيد جي اهڙي خاطري تي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته اڄ به اڍائي سو پاڪستانين جا نالا پاناماليڪس ۾ آيا آهن،هن چيو ته وزيراعظم کي ايوان تي اعتماد هجڻ گهرجي، کيس ڀڄڻ وارو رستو نه وٺڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته سڌسماءَ واري وزير سٺي ڳالهه ٻڌائي آهي، اسان به جمعي تي ئي اينداسين ۽ اڄ سينيٽ ۾ به اها ئي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي، مخالف ڌر جي اڳواڻ جي بيان کانپوءِ اپوزيشن ۾ شامل پارٽين جا ميمبر قومي اسيمبلي جي اجلاس جو بائڪاٽ ڪري واڪ آئوٽ ڪري ويا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *