وزيراعظم نواز شريف جي سالگرهه جي موقعي تي ڀارتي هم منصب پاران نيڪ خواهشن جو اظهار

نئين دهلي(م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف جي 65 هين سالگرهه جي موقعي تي ڀارتي هم منصب نريندر مودي ان کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم نواز شريف جي سالگرهه جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان کي مبارڪباد پيش ڪئي نريندر مودي چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي سٺي صحت جي دعا ڪريان ٿو، ياد رهي ته وزيراعظم نواز شريف ۽ ڀارتي هم منصب نريندر مودي وچ ۾ تحفن سان شروع ٿيندڙ لاڳاپا هاڻ به نيڪ خواهشن ۽ نيڪ اميدن تائين برقرار آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *