وزيراعظم نوازشريف ۽ عمران خان پاران آزاد اميدوار چوڌري رياض الحق جج کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جون دعوتون

اسلام آبآد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان اين اي 144 تي ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار چوڌري رياض الحق جج کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي، وزيراعظم نواز شريف به رياض الحق سان رابطو ڪري ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي تي کيس واڌايون ڏنيون آهن، رياض الحق چيو آهي ته اڃا هن ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو.پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان اوڪاڙه جي اين اي کي 144 تي ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار چوڌري رياض الحق جج سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران عمران خان ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي تي رياض الحق کي واڌايون ڏنيون. رابطي دوران تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چوڌري رياض الحق کي باضابطا طور پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي دعوت ڏني……رابطي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري رياض الحق چيو ته ننڍي چونڊ ۾ سندس پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي ٻنهي سپورٽ ڪئي پر هن اڃا ڪنهن به پارٽي ۾ وڃڻ جو فيصلو ناهي ڪيو.هوڏانهن وزيراعظم نواز شريف پڻ اين اي کي 144 تي ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار رياض الحق جج سان فون تي رابطو ڪري کيس ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي تي واڌايون ڏنيون. وزيراعظم نواز شريف سان ڳالهائيندي رياض الحق چيو ته نوازليگ سندس رت ۾ شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *