وزيراعظم نوازشريف سريلنڪا جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪولمبو پهتو، شاندار استقبال

اسلام آباد/ڪولمبو (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف سومر تي سريلنڪا جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪولمبو پهتو جتي ان جو شاندار استقبال ڪيو ويو پنهنجي دوري ۾ هو پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي ڪيترن ئي ٺاهڻ تي صحيحون ڪيون وينديون سريلنڪا جي وزيراعظم رانيل شريان مڪرمه سنگي پنهنجي پرڏيهي وزير سان گڏ پاڪستاني هم منصب جي هوائي تي استقبال ڪيو وزيراعظم سريلنڪا جي صدر ۽ ٻي قيادت سان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ۽ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو بيگم ڪلثوم نواز، خرم دستگيرخان رانا تنوير حسين طارق فاطمي ۽ قومي سلامتي جو مشير ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ ناصر خان جنجوڳا به وزيراعظم سان گڏ آهي. وزيراعظم پنهنجي دوري سريلڪا جي وزيرن ۽ پارليمينٽ جي ميمبرن جي هڪ اجلاس کي پڻ خطاب ڪندو. جنهن ۾ هو پاڪستاني حڪومت جي ترجيحن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي کيس پاڪستان جي پاليسين سان آگاهه ڪندو وزيراعظم سريلنڪا جي لڪشمن جو درگاهه مر انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل رليشنز اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز جي دعوت تي اتي هڪ ليڪچر به ڏيندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *