وزيراعظم نريندر مودي کي ملاقات لاءِ ڪوبه خط ناهي لکيو: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزارت جي ترجمان تسنيل اسلم چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي کٽمنڊو ۾ ملاقات لاءِ ڪوبه خط ناهي لکيو ان حوالي سان سمورا اطلاع بي بنياد آهن، ترجمان ٻڌايو ته افغان صدر اشرف غني اڄ کان پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو، اسلام آباد هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي ترجمان ٻڌايو ته افغان صدر اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ اسلام آباد پهچندو دوري ۾ ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو اچڻ جو موقعو ملندو عالمي دهشتگرد تنظيمداعش جي پاڪستان ۾ سرگرمين بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته آءِ ايس آءِ ايس جي حوالي سان ڪنهن به ملڪ رابطو ناهي ڪيو ان حوالي سان گهرو وزير جو بيان به موجود آهي، پاڪستان هر طرح جي دهشتگردي جي خلاف آهي، تسنيم اسلم جو چوڻ هو ته وزيراعظم جو چين جو دورو تمام گهڻو ڪامياب رهيو جنهن ۾ اهم منصوبن تي صحيحون ڪيون ويون هن چيو ته پاڪستان جو دشمن چين جو دشمن جڏهن ته چين جو دشمن پاڪستان جو دشمن آهي، سرحدون ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين ٻين ملڪن کان به اهڙي ئي اميد رکون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *