وزيراعظم نااهلي ڪيس: سپريم ڪورٽ 7 رڪني لارجر بينچ قائم ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ،وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي لاءِ داخل درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ 7 رڪني لارجر بينچ جوڙي ڇڏي. سپريم ڪورٽ وزيراعظم نااهلي ڪيس جي ٻڌڻيءَ لاءِ چيف جسٽس ناصر المــُلڪ جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ جوڙي آهي. لارجر بينچ ۾ جسٽس جواد ايس خواجا،جسٽس انور ظهير جمالي ۽ جسٽس آصف سعيد کوسه سميت سپريم ڪورٽ جا سينيئر ترين جج شامل آهن. لارجر بينچ پاران وزيراعظم جي نااهلي لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ايندڙ هفتي ٿيڻ جوامڪان آهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ، وزيراعظم جي نااهلي لاءِ داخل درخواستن جي ٻڌڻي بعد آئين جي آرٽيجل 62 ۽ 63 جي تشريح وارو معاملو چيف جسٽس ڏانهن اماڻيو هو،جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻيءَ لاءِ لارجر بينچ جوڙي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *