وزيراعظم ملڪي ضرورت آهر پرڏيهي دورا پيو ڪري: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم ملڪي ضرورت آهر پرڏيهي دورا ڪري رهيو آهي، وزيراعظم جي چين، جرمني ۽ برطانيا جي دورن سان توانائي جي شعبي ۾ سرمائيداري کي ترغيب ڏيڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي انٽرويو ۾ هن چيو ته پرڏيهي سرمائيداري جي نتيجي ۾ اقتصادي سرگرمين ۾ بهتري ايندي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ مهانگائي گهٽبي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ملڪي ضرورت آهر پرڏيهي دورا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي سستي بجلي جي سخت ضرورت آهي، جڏهن ته پنهنجي هڪ بيان ۾ سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم نواز شريف قومي تعمير سازي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر بدقسمتي سان تحريڪ انصاف جو سربراهه پنهنجي تقريرن ذريعي ماڻهن کي مڇرائي رهيو آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ نواز شريف کي عزت ۽ شهريت نوازي رهيو آهي پر عمران خان کي ان جي مرتبي سان حسد آهي. سُڌ سماءَ وزير چيو ته آڪسفورڊ يونيورسٽي جي فارغ التحصيل عمران خان کي کپي ته ماڻهن کي عدليا خلاف نه ڀڙڪائي ۽ ملڪ کي انتشار ڏانهن نه وٺي وڃي. پرويز رشيد چيو ته عمران خان صرف حڪومت تي تنقيد ڪري رهيو آهي ۽ ان جي بجلي منصوبن، موٽروي ۽ ميٽرو بس جهڙي ترقياتي ڪمن کي نظرانداز ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *