وزيراعظم ملازمت دوران لاڏاڻو ڪندڙ سرڪاري ملازمن لاءِ امدادي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف ملازمت دوران لاڏاڻو ڪندڙ سرڪاري ملازمن لاءِ امدادي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي، امدادي پيڪيج جو لاڳو 5 1 جون 3 1 0 2 ع کان هوندو، ملازمت دوران فوت ٿيل سينڪڙون ملازمن جي وارثن کي فائدو ملندو. تفصيل موجب ملازمت دوران لاڏاڻو ڪندڙ گريڊ 1 کان گريڊ 6 1 تائين جي ملازمن جي وارثن لاءِ 5 2 لک، گريڊ 7 1 جي ملازمن لاءِ 0 4 لک، گريڊ 8 1 ۽ 9 1 جي 0 8 لک، گريڊ 0 2 کان 2 2 جي ملازمن جي وارثن لاءِ 0 9 لک رپين جي امداديپيڪيج جي منظوري ڏني وئي، سيڪيورٽي دوران لاڏاڻو ڪندڙ گريڊ 1 کان 6 1 تائين جي ملازمن لاءِ 0 3 لک، گريڊ 7 1 لاءِ 0 5 لک، گريڊ 8 1 کان 9 1 لاءِ 0 9 لک جڏهن ته گريڊ 0 2 کان مٿي جي ملازمن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا امدادي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي. سروس دوران لاڏاڻو ڪندڙ سرڪاري ملازمن جي گهروارن کي ريٽائرمينٽ جي تاريخ تائين مڪمل پگهار ۽ ٻيا الائونس سالانا ترقي ۽ انڪريمينٽ سميت وقت فوقتن اعلان ڪيون ويندڙ سهولتن سان گڏوگڏ تمام سرڪاري الائونس ڏنا ويندا. ٻنهي صورتن ۾ سرڪاري ملازمن جي گهروارن کي 5 سال يا سندن ريٽائرمينٽ جي عمر تائين سرڪاري گهر رکڻ جي اجازت هوندي يا پوءِ ڪرائي جي گهر جو ڪرايو ادا ڪيو ويندو. مرحوم سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ليول تائين تعليم، ٽيوشن فيس، ڪتاب ۽ رهائشي سهولتون مفت فراهم ڪيون وينديون. انتقال ڪندڙ سرڪاري ملازمن جي وارثن کي گريڊ 1 کان 8 تائين 0 2 لک رپيا، گريڊ 9 کان گريڊ 6 1 تائين 0 5 لک جڏهن ته گريڊ 7 1 کان مٿي تائين 0 7 لک رپيا رهائش طور تي پلاٽ جي خريداري لاءِ امداد جي طور تي ڪيش ڏنا ويندا. ملازمت دوران لاڏاڻو ڪري ويندڙ گريڊ هڪ کان گريڊ 5 1 تائين جي ملازمن جي پٽ يا ڌي کي نوڪري ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *