وزيراعظم فاٽا جي بهتري لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشريف فاٽا بهتري لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي ، جنهن جو نوٽيفڪيشن موڪل جو ڏينهن هجڻ کانپوءِ به جاري ڪيو ويو. ذريعن مطابق اسپيڪر جي چونڊن لاءِ فاٽا کان ميمبر جي جي جمال مسلم ليگ(ن) جي اميدوار سردار اياز صادق جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم نوزشريف فاٽا بهتري لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي  ترت پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏي.فاٽا بهتري ڪميٽي ۾ وزير اعظم جي گهرو معاملن واري  صلاحڪار سرتاج عزيز، خيبرپختونخوا جي گورنر سردار مهتاب عباسي، وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ، ناصر جنجوعا ۽ زاهد حامد شامل آهن. جڏهن ته وفاقي وزير سيفران عبدالقادر بلوچ ڪميٽي جي سيڪريٽري جا ڪم سنڀاليندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *