وزيراعظم عورتن جي خودمختياري بابت پاليسي جوڙڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف عورتن جي خودمختياري بابت پاليسي جوڙڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي، جيڪا 5 مارچ تي پنهنجون سفارشون کيس پيش ڪندي، ميڊيا رپورٽن مطابق عورتن جي خودمختياري بابت پاليسي جوڙڻ لاءِ ٺاهيل ڪميٽي ۾ وزيراعظم جو خاص مددگار خواجا ظهير احمد، اشتر اوصاف، مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ، انوشا رحمان، اڪرام بخاري، ارم بخاري، ڊاڪٽر شزرا منصب علي خان، شائستا پرويز ملڪ، سينيٽر عائشا رضا فاروق ۽ ڊاڪٽر اعجاز منير شامل آهن، جڏهن ته وفاقي وزير زاهد حامد ڪميٽي جو ڪنوينر هوندو، ڪميٽي سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشوري ذريعي ملڪي ۽ پرڏيهي قانونن هيٺ حڪمت عملي جوڙيندي، وزيراعظم هائوس طرفان پاليسي بابت ورڪنگ پيپر به تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪميٽي ريفرنس پيپر طور استعمال ڪندي، وزيراعظم نواز شريف ڪميٽِي کي هدايت ڪئي آهي ته اها 5 مارچ تائين پنهنجون سفارشون پيش ڪري، جن جي روشني ۾ 8 مارچ تي عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي حڪومت پنهنجي پاليسي جو اعلان ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *