وزيراعظم طبي معائني لاءِ نه پر علاج لاءِ لنڊن ويل آهي، سندس واپسي جو فيصلو ڊاڪٽر ڪندا: چوڌري نثار

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف طبي معائني لاءِ نه پر علاج لاءِ پرڏيهه ويل آهي سندس واپس اچڻ جو فيصلو ڊاڪٽر ڪندا، پاناما ليڪس معاملو وزيراعظم جي پٽن جو آهي اهي ئي جواب ڏيندا حڪومت جو ڪوئي واسطو ناهي، حڪومت کي غير جمهوري طريقي سان هٽائڻ لاءِ سياسي راند کيڏي پئي وڃي، پاناما معاملي کي لڪائڻو هجي ها ته ججن سان رابطو نه ڪيون ها مخالف ڌر جي رويي جي ڪري  پنج ججن معذرت ڪئي آهي پيسو ٻاهر رکڻ وزيراعظم تي ناجائز آهي ته عمران خان جي آس پاس ماڻهو به شامل آهن سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي، اپوزيشن ڀلائي چاهي ٿي ته ڪميٽي بڻائي معاملي جي جاچ ۾ مدد ڪري، عمران خان پنهنجي سياسي گيم کي پاناما ليڪس جو نالو نه ڏئي، گار گند ۽ الزامن سان مسئلو حل ٿيڻ وارو ناهي اپوزيشن جنهن اداري لاءِ چوندي انهيءَ کان جاچ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون ڀارتي جاسوس جو معاملو بيڪ گرائونڊ ۾ نه وڃڻ ڏينداسين، ريڊ زون ۾ جلسي تي پابندي آهي ڪنهن ٻئي هنڌ جلسو ڪرڻ تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. اربع تي پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته مان پاڪستان حڪومت پاران واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته وزيراعظم نواز شريف اربع جي صبح لنڊن ويل آهي هو طبي معائني يا ڪنهن سان ملاقات ڪرڻ ناهي ويو پر هو علاج لاءِ ويل آهي وزيراعظم جي عادت آهي ته کيس ڪا به بيماري ٿيندي آهي ته هو ڪنهن کي ناهي ٻڌائيندو چند مخصوص ماڻهن لاءِ ڪنهن جو بيمار هئڻ به گناهه آهي پاڻ کي دانشور چوندڙ به ننڍڙين ڳالهين تي لهي پيا آهن هن چي وته ڪجهه سال اڳ هارٽ بيٽ جو پرابلم هيو ته ان هن جو علاج لنڊن مان ڪرايو هو ٻن ٽن مهينن کان کيس اهو مسئلو ٿي رهيو هو، هو آمريڪا جي دوري کانپوءِ لنڊن وڃڻ چاهي پيو اهو دورو ملتوي ٿي ويو جنهن کانپوءِ مون وزيراعظم کي ان ڳالهه تي قائل ڪيو ته هو طبي دوري بابت سڀني کي ٻڌائي وڃي سندس ڊاڪٽر سختي سان هدايت ڪئي ته هو ٽي ڏينهن آرام ڪري لنڊن اچي ۽ رستي ۾ به آرام ڪري ان ۾ ڪوئي شخص ٻڏل سياست کي زنده ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري ، جيئن ڊاڪٽرن کيس اجازت ڏني هو وطن واپس موٽي ايندو، ڪجهه ماڻهو گهٽيا ليول جي  سياست تي لهي پيا آهن جيڪڏهن ڪوئي بهانو ڪرڻو هيو ته هو ترڪي ۾ ٿيندڙ ميٽنگ کانپوءِ لنڊن وڃي پئي سگهيو پر سندس صحت کيس سفر جي اجازت نه ڏني صدر ممنون حسين ترڪي ويو مون کي ڪيترن ئي سياسي قدرن سان اختلاف به آهي ۽ افسوس به آهي ته اهي ماڻهو بيماري تي به مهڻا ڏيڻ ۽ ان کي اشو بنائڻ کان پاسو نه ٿا ڪن. هن چيو ته هي مسئلو وزيراعظم جي ٻن پٽن جو آهي هڪ حڪومتي وزير جي حيثيت سان منهنجو ڪوئي به تعلق ناهي پر حڪومتي ترجمان جي حيثيت سان واضح ڪيان ٿو ته هن معاملي جي سمورن معاملن جي جاچ ڪئي ويندي جنهن لاءِ وزيراعظم پهريان ئي ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آحي هن چيو ته ڪجهه مخصوص ماڻهو مسئلو ميڊيا ٽرائل ذريعي حڪومت کي الزامن ذريعي اٿاري رهيا آهن پاناما پيپرز کي ڪيترن ئي ملڪن ڪوڙو قرار ڏنو پر پاڪستان جي وزيراعظم قوم کي خطاب ڪري ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آئسلينڊ جو وزيراعظم به خود ان ۾ ملوث هيو جنهن تي هن استعيفيٰ ڏني هن چيو ته حڪومت ڪميشن ٺاهڻ لاءِ جسٽس ناصرالملڪ، جسٽس تصدق جيلاني، جسٽس امير الملڪ مينگل، جسٽس سائر علي ۽ جسٽس تنوير خان درخواست ڪئي وئي جن جي ديانتداري تي ڪنهن کي ڪوئي شق ناهي جيڪڏهن اسان کي معاملو لڪائڻو هجي ها ته ججن سان رابطو نه ڪيون ها ڪيترن ئي ججن معذرت ڪئي ۽ ڪنهن وقت گهري ورتو پوءِ سمورن ججن هڪ ٻئي پٺيان سبب ٻڌائڻ بنا انڪار ڪيو. اسان سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻن وڌيڪ ججن تي ٻڌل ڪميشن بنائڻ چاهيوسين پوءِ فيصلو  ٿيو ته سپريم ڪورٽ جي هڪ ئي جج تي ٻڌل ڪميشن بڻايو وڃي اسان جي خواهش هئي ته سموري معاملي جي شفاف جاچ ٿئي ۽ قوم آڏو حقيقتون آڏو آنديون وڃن. هن چيو ته وڌيڪ اعليٰ ججن سان رابطو آهي پر انهيءَ دوران عمران خان جو بيان آڏو ته چوڌري نثار الله کي جوابده آهي الحمدالله مان الله تعاليٰ کي ئي جوابده آهيان عمران خان ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ پوءِ شعيب سڊل جو نالو ڏنو پر شعيب سڊل ايف آءِ اي جو آفيسر ناهي هو ريٽائرڊ ٿي چڪو آهي، هن چيو ته اعتزاز احسن پاڻ کي وڏو دانشور سمجهي ٿو هن ايف آءِ اي ۽ نيب کان وزيراعظم جي خاندان جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو گهرو وزير چيو ته قاعدا ۽ ضابطا (ٽي او آر آرز) طئه ڪن اعتزاز احسن، عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ ٻيا ايف آءِ اي جي جنهن آفيسر جو نالو تجويز ڪندا اهو جاچ شروع ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *