وزيراعظم طاقت جي زور تي فيصلا ڪري وفاق جي مدد بدران ٽڪراءُ جو سبب بڻجي رهيو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم طاقت جي زور تي فيصلا ڪري وفاق جي مدد بدران ٽڪراءَ جو سبب بڻجي رهيو آهي سينيٽ فيڊريشن جي علامت آهي ڪجهه ماڻهو عدالتن کان وڌيڪ طاقتور آهن ان لاءِ وزيراعظم وفاق سان نه ٽڪرائي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو ته پوءِ وفاق بمقابلا طاقتور حڪومت هوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سينيٽ وفاق جي علامت آهي ۽ اتان رد ٿيڻ کانپوءِ طاقت جي زور تي ڪنهن به بل جو منظور ٿيڻ هڪ خطرناڪ عمل آهي ۽ اها وفاق جي علامت کي ختم ڪرڻ جي برابر آهي حڪومت جي اهڙي قدم سان سٺو پيغام نه ويندو. هن چيوته نواز شريف وفاق جي مدد بدران ان سان ٽڪراءُ جو سبب بڻجي رهيو آهي ڪجهه ماڻهو عدالتن کان وڌيڪ طاقتور آهن ان لاءِ وزيراعظم وفاق سان نه ٽڪرائي. خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم کي صلاح ڏيان ٿو ته پي آءِ اي نجڪاري بل جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل کڻي وڃي ڇو ته اتان منظور ٿيڻ کانپوءِ وفاق جي منظوري جو تاثر ملندو طاقت جي زور تي فيصلا ته ڊڪٽيٽر ڪن ٿا مشرف ۽ ضياءُ الحق به ائين ئي ڪيو هو. هن چيو ته گڏيل. مفادن واري ڪائونسل ۾ وڃڻ جو فيصلو آئيني ضرور آهي جڏهن ته اخلاقي ۽ سياسي ناهي هاڻي اسان گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪنداسين ۽ جيڪڏهن اجلاس ۾ سينيٽ جي راءِ کي نظر انداز ڪيو ويو ته وفاق لاءِ سٺو پيغام نه ويندو اپوزيشن ليڊر چيو ته ڪيترين ئي جماعتن سان انهيءَ معاملي تي رابطي ۾ آهيون اسان پارليامينٽ کي بالادست سمجهون ٿا ان لاءِ پنهنجو موقف اتي پيش ڪنداسين. ان ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو ته پوءِ وفاق بمقابلا طاقتور حڪومت هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *