وزيراعظم شهباز شريف جو سعودي عرب دورو: پاڪستان کي 6 کان  8ارب ڊالر رليف پيڪيج ملڻ جي اميد

اسلام آباد (م.ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي عرب جي دوري ۾ پاڪستان کي 8 ارب ڊالر تائين جو وڏو ريليف پيڪيج ملڻ جي اميد آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي دوري ۾ پاڪستان کي 6 کان 8 ارب ڊالر جو ريليف پيڪيج آسان شرطن تي ملي سگهي ٿو.  پيڪيج جي تحت ناڻي جا ذخيرا بهتر بنائڻ لاءِ گهٽ وياج تي 3 ارب ڊالر ملي سگهن ٿا. اوڌر تي تيل، ايل اين جي ۽ يوريا ڀاڻ جي سهوليت به ملي سگهي ٿي. سعودي عرب جي گارنٽي تي سعودي بينڪن مان سستي قرضن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي.  ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستانين جي لاءِ روزگار جا موقعا وڌائڻ سان گڏوگڏ ڪورونا دوران بيروزگار ٿيندڙ پاڪستان کي نوڪري تي بحالي جي معاملن تي به ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. پاڪستان ۾ سعودي سرمائيڪاري وڌائڻ، پاڪستاني شين جي برآمدات وڌائڻ تي به ڳالهيون ڪيون وينديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *