وزيراعظم سرڪاري ملازمن جي پگهارن جو مسئلو جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي: شبلي فراز

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزرياعظم سرڪاري ملازمن جي پگهارن جو مسئلو جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي پي ڊي ايم سياسي خودغرضي جو بدترين مثال جتي ماڻهو گڏ ٿيندا آهن هي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ پهچي وڃن ٿا حڪومت جي ڏيائين جي ذميوار پيپلزپارٽي، ن) ليگ آهي 30 سالن جي غلطين کي 30 مهينن ۾ ٺيڪ نٿا ڪري سگهون ڏکيائيون گهڻيون آهن جذبي سان حل ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهيون صحافت جي ذريعي ملڪي مفادن جو تحفظ عظيم فرض آهي حڪومت صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ لءِ پرعزم آهي جلد صحت انصاف ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو سڌسماءِ جي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اها ڳالهه نيشنل پريس ڪلب ۾ ڌير بالا پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف کڻڻ واري تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي وفاقي وزير چيو ته دير بالا پريس ڪلب جي عهديدارن جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جو اهي اسلام آباد آيا آهن هن چيو ته ديربالا پريس ڪلب جو نيشنل پريس ڪلب سان ويجهو رابطو سٺي ڳالهه آهي ان سان پيشيوراڻيون صلاحيتون بهتر ٿينديون هن چيو ته صحافت جي ذريعي ملڪي مفادن جو تحفظ هڪ عظيم فرض آهي صحافي پنهنجا مقامي علائقي جا مسئلا اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي مفاد لاءِ خاص ڪردار ادا ڪن ٿا هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي ڏورانهين علائقن جي صحافين جي مسئلن جو احساس آهي هن چيو ته حڪوتم صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي حڪومت جلد صحافين کي به صحت انصاف ڪارڊ فراهم ڪندي هن ديربالا پريس ڪلب جي عهديدارن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته جلد ڌيربالا پريس ڪلب جو دورو ڪندس سرڪاري ملازمن جي احتجاج جي حوالي سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته اڄ هڪ مشڪل ڏينهن آهي سرڪاري ملازمن جي احتجاج سبب رستا بند آهن هن چيو ته وفاقي ملازمن جي احتجاج تي وزيراعظم ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي وزيراعطم لاڳاپيل وزارتن کي سرڪاري ملازمن جي پگهارن جو مسئلو بنا دير حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ان ڏس ۾ اعليٰ سطحي ڪابينه ڪاميٽي آهي جنهن ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شيخ رشيد ۽ عبدالحفيظ شيخ شامل آهن هن چيو ته ٽن رڪني حڪومتي ڪميٽي وزيراعطم جي خواهش مطابق ملازمن جا مسئلا حل ڪندي هن چيو ته اڄ جي مسئلن جو بنيادي سبب اڳوڻين حڪومتن جي نااهلي ۽ رٿابندي جي کوٽ آهي هن چيو ته وزيراعظم  ڏينهن رات جي محنت سان رنڊڪن ۽ عوامي مسئلن کي حل ڪيو آهي هن چيو ته پي ڊي ايم سياسي خودغرضي جو بدترين مثال آهي جتي ماڻهو گڏ ٿين ٿا پي ڊي ايم پوائنت اسڪورنگ ڪرڻ پهچي وڃي ٿي هن چيو ته سمورا چئلينجز ڪرونا وائرس جي عالمگير وبا جي باوجود ملڪي معيشت کي ٻيهر بحال ڪيو ويو اڏاوت ٽيڪسٽائيل سميت هر شعبي ۾ بهتري آئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *