وزيراعظم سريلنڪا جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو

اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم نواز شريف سريلنڪا جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڄ اربع ڏينهن وطن واپس پهچي ويو. ان کان اڳ وزيراعظم ڪولمبو کان واپس روانو ٿيو ته سريلنڪا جي وزيراعظم رانيل وڪرما سنگهي بندرا نائيڪي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪولمبو تي کيس شاندار انداز ۾ رخصت ڪيو ۽ سريلنڪن فوج جي دستي وزيراعظم کي سلامي پيش ڪئي. سريلنڪا ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) سيد شڪيل حسين ۽ سريلنڪن حڪومت جا اعليٰ عهديدار به ان موقعي تي موجود هئا. ان کان اڳ ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم سريلنڪا جي خوبصورت ۽ ٻئي وڏي شهر ڪينڊي ۾ تاريخي جاين جو دور ڪيو. هن ٻڌ بابت مقدس شين واري مندر جو دورو ڪيو ۽ جناح هال ۾ علائقي جي مسلمان اڳواڻن سان ملاقات پڻ ڪئي. وزيراعظم نباتاتي باغ ۾ ٻوٽو پڻ هنيو. پنهنجي دوري دوران وزيراعظم گڏيل دلچسپي جي معاملن تي سريلنڪا جي قيادت سان ملاقات ڪئي. سريلنڪن صدر ميٿري پالاسري سينا سان گڏ وزيراعظم واپار، مالياتي انٽيليجنس جي ڏي وٺ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ صحت جي شعبن ۾ 8 معاهدن تي صحيحن واري  تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. هن سريلنڪا جي پارليامينٽرين، وزيرن ۽ سفارتڪارن کي پاڪ سريلنڪا لاڳاپن جي حوالي سان خصوصي ليڪچر پڻ ڏنو. دوري دوران وزيراعظم پاڪستاني مصنوعات جي نمائش جو افتتاح پڻ ڪيو. هن سريلنڪا جي ڪاروباري اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت پڻ ڏني. دوري جي دوران وزيراعظم جي وفد ۾ بيگم ڪلثوم نواز، واپار وارو وفاقي وزير خرم دستگير، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير رانا تنوير حسين، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه پڻ شامل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *