وزيراعظم سان چوڌري نثار ۽ مولانا فضل الرحمان جون ملاقاتون، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم ميان نواز شريف سان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ملاقات ڪئي ۽ ضلعي انتظاميا ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ 0 3 نومبر واري جلسي جي حوالي سان ٿيل معاهدي جي تفصيل کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. تفصيل موجب جمعي ڏينهن گهرو وزير چوڌري نثار علي خان وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، گهرو وزير وزيراعظم کي ضلعي انتظاميا ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ 0 3 نومبر واري جلسي جي حوالي سان ٿيل معاهدي جي تفصيل کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم کي 0 3 نومبر واري جلسي جي سيڪيورٽي پلان کان به آگاهه ڪيو. ذريعن موجب وزيراعظم 0 3 نومبر جي حوالي سان سيڪيورٽي پلان جي منظوري به ڏئي ڇڏي. وزيراعظم نواز شريف سان جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ملاقات، ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي ويچار، مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کي قبائلي جرڳي جي آءِ ڊي پيز متعلق تحفظات کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم نواز شريف مولانا فضل الرحمان کي خاطري ڏياري ته حڪومت آءِ ڊي پيز جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جا قدم کڻي رهي آهي. تفصيل موجب جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهايو ويو. وزيراعظم نواز شريف مولانا فضل الرحمان کي سارڪ ڪانفرنس ۾ ٿيل معاهدن جي تفصيل کان آگاهه ڪيو، مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ ٿيل قبائلي جرڳي جي آءِ ڊي پيز متعلق تحفظات کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، جنهن تي وزيراعظم چيو ته حڪومت آءِ ڊي پيز جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهي آهي، آءِ ڊي پيز جي جلد گهرن ڏانهن واپسي يقيني بڻائي رهيا آهيون. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ۾ اتر وزيرستان ۾ جاري آپريشن ضرب عضب جي حوالي سان به ويچار ونڊيا ويا، وزيراعظم نواز شريف مولانا فضل الرحمان کي 0 3 نومبر تي اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي ٿيندڙ جلسي جي حوالي سان حڪومتي پاليسي تي اعتماد ۾ ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *