وزيراعظم سان چوڌري نثار ۽ اسحاق ڊار جي ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريفnawaz sharif سان گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ۽ ناڻي وزير اسحاق ڊار وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال، ڌرڻن کي پُرامن طريقي سان ختم ڪرائڻ لاءِ مختلف آپشنز تي ويچاريو ويو. وفاقي وزيرن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير مسئلي کي جرئتمندي سان اجاگر ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. تفصيل موجب آمريڪا جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد ٻنهي وفاقي وزيرن جي اڱاري ڏينهن وزيراعظم نواز شريف سان اهم ملاقات ٿي. ذريعن موجب گهرو وزير چوڌري نثار وزيراعظم کي چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ ۽ قومي جذبن مطابق تقرير ڪرڻ تي هو کيس مبارڪ پيش ڪري ٿو. ان تقرير کي عوامي سطح تي ڪافي ساراهيو ويو آهي ۽ ڀارت سان تمام تڪرار ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن پرپوءِ ڪشمير مسئلي کي ڳالهين ۾ خاص اهميت ڏيڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان وزيراعظم مڪمل اتفاق ڪيو. ذريعن موجب چوڌري نثار وزيراعظم کي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ اسلام آباد ۾ جاري ڌرڻن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ذريعن موجب ناڻي وزير اسحاق ڊار ڌرڻن سان ملڪي معيشت کي هيستائين ٿيل نقصانن جي حوالي سان وزيراعظم کي بريف ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي وزير عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف سان ڳالهين جو عمل ٻيهر شروع ڪرڻ جي حوالي سان سياسي جرڳي جي ڪوششن تي به ڳالهايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *