وزيراعظم سان چوڌري نثار جي ملاقات، مقررين جو عمل شفاف طريقي سان مڪمل ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو) گهرو وزير چوڌري نثار علي خان گهرو وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ 0 0 7 2 ڪيسن جا فيصلا جلد ممڪن بڻائڻ لاءِ اسلام آباد ۾ ايڊووڪيٽ جنرل جي مقرري جي وزيراعظم کان اصولي منظوري وٺي ڇڏي، وزارت جي ماتحت وزيراعظم سان گهرو وزير چوڌري نثار جي ملاقات، گهرو وزارت جي ماتحت ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ فوڪل پرسن به مقرر ڪيا ويندا. تفصيل موجبگهرو وزير جي وزيراعظم نواز شريف سان وزيراعظم هائوس ۾ تفصيلي ملاقات ٿي، ملاقات ۾ وزيراعظم گهرو وزارت جي ماتحت ادارن ۾ خالي عهدن تي مقررين جو عمل جلد شفاف طريقي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ملاقات ۾ گهرو وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته هن وقت گهرو وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن جا مختلف عدالتن ۾ 0 0 7 2 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ سرڪاري وڪيلن جي ڪارڪردگي تسلي بخش نه آهي، ان مسئلي کي پڪي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد لاءِ ايڊووڪيٽ جنرل مقرر ڪيو وڃي. وزيراعظم نواز شريف گهرو وزير جي تجويز سان اتفاق ڪندي چيو ته ان حوالي سان هو جلد ئي قانون وزارت ۽ اٽارني جنرل کي هدايت ڪندو ته مشاورت ڪري حتمي فيصلو ڪيو وڃي. ملاقات ۾ گهرو وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي، نادرا، پاسپورٽ اميگريشن ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي جي مانيٽرنگ سان گڏوگڏ ڪرپٽ عنصرن خلاف سخت ڪاروائي جاري آهي، هر اداري لاءِ وزارت جو هڪ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويندو. گهرو وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته برطانيا سميت ٻين يورپي ملڪن انساني اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ گهرو وزارت جي هاڻوڪي قدمن کي ساراهيو آهي پرپوءِ گذريل ڏينهن پي آءِ اي جي هڪ اڏام مان 0 1 افغان باشندن جي لنڊن وڃڻ جو واقعو پريشان ڪندڙ آهي، جنهن جو سخت نوٽيس ورتو ويو آهي ۽ ان ۾ ملوث ايف آءِ اي جي اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته پي آءِ اي جو جيڪو عملو ان ۾ ملوث ڏٺو ويو سندن گهرن تي گرفتارين لاءِ ڇاپا هنيا ويا، انهن مان پي آءِ اي جي اعليٰ آفيسر عدالت مان عبوري ضمانت وٺي رکي هئي ۽ بعد ۾ ان ضمانت کي عدالت ڪنفرم ڪري ڇڏيو آهي، اهڙن مسئلن سان منهن ڏيڻ لاءِ سرڪاري وڪيلن جي ٽيم کي مضبوط بڻائڻ تمام ضروري آهي. ذريعن موجب ملاقات ۾ ڌرڻن جي صورتحال جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *