وزيراعظم سان شرمين عبيد جي ملاقات، عورتن جي بنيادي حقن بابت ڳالهيون

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته غيرت جي نالي تي قتل اسان جي تهذيب ۽ مذهب جو حصو نه آهي ذاتي طور تي عورتن کي بااختيار ڏسڻ چاهيان ٿو سومر تي وزيراعظم نوازشريف سان آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ پاڪستاني فلمساز شرمين عبيد چنائي ملاقات ڪئي جنهن ۾ عورتن جي بنيادي حقن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته غيرت جي نالي تي قتل اسان جي تهذيب ۽ مذهب جو حصو نه آهي ذاتي طور تي عورتن کي بااختيار ڏسڻ چاهيان ٿو ان موقعي تي شرمين عبيد عورتن جي بنيادي حقن بابت کنيل حڪومتي قدمن کي واکاڻيو ۽ پنهنجي سهڪار جو مڪمل يقين ڏياريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *