وزيراعظم سان آرمي چيف ۽ ايڊمرل ذڪاءُ الله جي الڳ الڳ ملاقات

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ پاڪ نيول جي سربراهه ايڊمرل ذڪاءُ الله جمعي ڏينهن قومي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کان پهريان الڳ الڳ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پيشيوراڻا معاملن تي ويچاريو ويو. ذريعن موجب آرمي چيف ۽ ايڊمرل ذڪاءُ الله وزيراعظم نواز شريف سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقاتون ڪيون، قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کان پهريان ٿيل ملاقاتن ۾ ورڪنگ بائونڊري ۽ ايل او سي تي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ڳالهايو ويو، آرمي چيف سان ملاقات ۾ آپريشن ضرب عضب ۽ ملڪي سيڪيورٽي سميت پيشيوراڻا معاملن تي ڳالهايو ويو. وزيراعظم نواز شريف ايڊمرل ذڪاءُ الله کي پاڪ نيوي جي چارج سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *