وزيراعظم سان آرمي چيف جي ملاقات، دهشت گرد ڪاررواين ۾”را“ جي ملوث هجڻ واري معاملي تي ويچار

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان آرمي چيف جنرل راحيل شريف ملاقات ڪري دهشت گرد ڪاررواين ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جي ملوث هجڻ واري معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اسلام آباد ۾ ڪيل ملاقات ۾ ملڪي سلامتي ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي قومي سلامتي جي ادارن جي ”را“ ۾ ملوث هجڻ وارين رپورٽن تي غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات ۾ملڪي سلامتي ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *