وزيراعظم دهشتگردي وارن ڪيسن ۾ موت جي سزا تي لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم ميان نواز شريف دهشتگردي وارن ڪيسن ۾ موت جي سزا تي لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ دهشتگردي ايڪٽ تحت جن به جوابدارن کي موت جي سزا ملندي انهن تي اُها لاڳو هوندي. وزير اعظم ميان نواز شريف پشاور سانحي کانپوءِ دهشتگردي خلاف ويڙهه واري عزم کي ورجائيندي ملڪ اندر موت جي سزا تي لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. وزير اعظم پاران پابندي ختم ڪرڻ کانپوءِ انهي فيصلي تي 48 ڪلاڪن اندر عمل ڪيو ويندو. ملڪ ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پشاور ۾ اي پي سي جي پهرين سيشن ۾ دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي ڪارڪردگي تسلي بخش نه هجڻ سبب دهشتگرد سزائن کان بچي رهيا آهن. پشاور ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس وزير اعظم جي صدارت هيٺ جاري آهي، جنهن جي پهرئين سيشن ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي ته دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي جاري رکي ويندي ۽ ان سلسلي ۾ پارليامينٽ ۾ هڪ گڏيل ٺهراءُ به پاس ڪيو ويندو. اي پي سي جي پهرئين سيشن ۾ پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان پاران اها تجويز سامهون آئي آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ماهرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ٺاهي ان کان تڪڙيون سفارشون طلب ڪيون وڃن، جڏهن ته چونڊيل نمائندن تي ٻڌل هڪ امن ڪميٽي به ٺاهي وڃي. اي پي سي ۾ تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان، شاهه محمود قريشي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، آفتاب شيرپائو، چوڌري نثار، پرويز خٽڪ ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سميت ٻين شرڪت ڪئي. ان کان اڳ افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو ته ڪالهه جيڪا دهشتگردي ٿي ان جو نه رڳو ملڪ اندر پر سڄي دنيا ۾ ڪٿي به ڪو مثال نه ٿو ملي. نواز شريف جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ڳرو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪيو آهي ۽ انهي مقصد لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون ويون آهن، اهي ڪنهن به صورت ۾ ضايع نه ٿينديون. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته سڄي قوم خاص ڪري سياستدانن کي ڪالهه جيڪي منظر ڏسڻ لاءِ مليا آهن، اهي جيڪڏهن نه وساريا ويا ته پڪ سان تبديلي ايندي ۽ دهشتگردن جو مڪمل طور تي خاتمو اچي ويندو. هن چيو ته حڪومت جي قيام کانپوءِ هن ڊگهي مشاورت بعد طالبان سان ڳالهيون شروع ڪيون، جن جڏهن نتيجا نه ڏنا ته طالبان خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو، جيڪو ڪاميابي سان جاري آهي ۽ ان جي پلاند ۾ دهشتگرد ملڪ اندر حملن مٿان حملا ڪري رهيا آهن. وزير اعظم چيو ته افغانستان جي صدر پاڪستان جي دوري وقت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ دلچسپي ڏيکاري هئي ۽ رات به هن کيس فون ڪري پشاور سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو، جڏهن ته اڄ آرمي چيف افغانستان روانو ٿيو آهي، جتي هو اتان جي هم منصب ۽ افغانستان جي صدر سان به ملاقات ڪندو. وزير اعظم چيو ته هو ڪالهه به پشاور ۾ هو ۽ هتي جيڪي مسئلا ساڻس شيئر ڪيا ويا، انهن ۾ هڪ مسئلو اهو هو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالتون دهشتگردن کي سخت سزائون نه ٿيون ڏين يا وري فون اچي وڃڻ جي صورت ۾ اهي ڪيس اڳتي ئي نه ٿا وڌن، تنهنڪري عدالتي نظام کي فعال بڻائي دهشتگردي جي ڪيسن۾ گهربلن کي سخت سزائون ڏيڻيون پونديون ته جيئن ٻين دهشتگردن جا حوصلا پست ٿين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *