وزيراعظم جي ڪوششن سان يمن مان شهرين جي ڏيهه واپسي ممڪن ٿي آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم جي ڪوششن سان شهرين جي ڏيهه واپسي ممڪن ٿي آهي، يمن ۾ باقي رهجي ويل پاڪستانين کي به جلد ڏيهه آندو ويندو، نواز ليگ اڳواڻ طارق فضل چيو آهي ته شهرين جي ڏيهه واپسي تائين سڪون سان نه ويهنداسين. اسلام آباد ۾ بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي  يمن مان ڦاٿل پاڪستانين جي ڏيهه پهچڻ تي آجيان ڪرڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته يمن ۾ ڦاٿل 502 پاڪستاني ڏيهه پهچي ويا آهن، ٻين شهرين کي به جلد ڏيهه آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف گذريل 36 ڪلاڪن کان شهرين جي ڏيهه واپسي لاءِ يمن ۾ موجود پاڪستاني اختيارين سان رابطي ۾ هو. پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حفاظت حڪومت جو فرض آهي ۽ وزيراعظم جي ڪوششن سان ئي يمن ۾ ڦاٿل شهرين جي ڏيهه واپسي ممڪن ٿي آهي. نواز ليگ اڳواڻ طارق فضل چوڌري چيو ته يمن ۾ باقي رهجي ويل شهرين جي ڏيهه واپسي تائين سڪون سان نه ويهنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *