وزيراعظم جي ڏنل هدفن کي پورو ڪندڙ وزارتن کي هڪ ارب رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف تمام وزارتن جي ڪارڪردگي جو هڪ ڀيرو وري جائزو وٺڻ ۽ کين ٽارگيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي جنهن لاءِ منصوبابندي وزير احسن اقبال کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، جيڪا به وزارت ايندڙ هڪ سال اندر پنهنجا تمام هدف حاصل ڪندي ان کي هڪ ارب رپيا انعام ۾ ڏنو ويندو جڏهن ته تمام وزارتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها گريڊ 0 2  جي آفيسر کي فوڪل پرسن نامزد ڪري جڏهن ته تمام وزير وزيراعظم سان هڪ پرفارمنس ڪنٽريڪٽ تي به صحيحون ڪندا. تفصيل موجب باخبر سرڪاري ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت تي منصوبابندي وزارت 5 2  جون تي هڪ اجلاس ڪوٺايو، جنهن جي صدارت وفاقي وزير احسن اقبال ڪئي اجلاس ۾ 0 1  اهم وزارتن جا سينئر حڪام ۽ منصوبابندي ڪميشن جا ميمبر شريڪ ٿيا جنهن ۾ کين ٻڌايو ويو ته وزيراعظم ۽ لاڳاپيل وزيرن وچ ۾ هڪ پرفارمنس ڪنٽريڪٽ تي ايندڙ مهيني صحيحون ڪيون وينديون ۽ وزيراعظم طرفان وزارتن کي هڪ سال لاءِ ٽارگيٽ ڏنا ويندا ۽ جيڪا به وزارت ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ پهريون نمبر حاصل ڪندي ان کي انعام ۾ هڪ ارب رپيا ڏنو ويندو. پلاننگ ڪميشن جي چيف گورننس جاويد سڪندر طرفان نوٽيفڪيشن جن وزارتن کي موڪليو ويو آهي انهن ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلا، ايويئيشن ڊويزن، ٽيڪسٽائل انڊسٽري، ريلوي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، نيشنل هيلٿ سروسز، ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ، مواصلات ۽ ڪامرس کي موڪليو ويو آهي، پرپوءِ اهو نوٽيفڪيشن اڃا تائين پاڻي ۽ بجلي وزارت، سُڌ سماءَ وزارت جهڙين اهم وزارتن کي ناهي موڪليو ويو. ان نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم نواز شريف جي هدايت تي تمام وزارتن کي پرفارمنس لاءِ خاص ٽاسڪ ڏنا ويندا، 5 2  جون تي احسن اقبال جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ احسن اقبل حڪومت جي گڊ گورننس ۽ پاليسين تي عملدرآمد جي حوالي سان سرڪاري حڪام کي گائيڊ لائين ڏني ۽ کين ٻڌايو ته پرفارمنس ڪنٽريڪٽ کي 3  جولاءِ تائين حتمي شڪل ڏني ويندي، تمام وزارتن طرفان فوڪل پرسن لاءِ گريڊ 0 2  تائين جي آفيسر کي فوري طور تي نامزد ڪيو وڃي جڏهن ته پرفارمنس جي حوالي سان تمام تجوزيون وزارتن طرفان ٽن ڏينهن اندر پلاننگ ڪميشن کي موڪليون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *