وزيراعظم جي وفاقي وزيرن کي اسٽيڪ هولڊرن جون تجويزون ۽ مسئلا ٻڌڻ لاءِ ملاقاتون ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان وفاقي وزيرن کي اسٽيڪ هولڊرن جون تجويزون ۽ مسئلا ٻڌڻ لاءِ ملاقاتون ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم سان ملڪ جي وڏي چيمبر آف ڪامرس جي صدر جي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز جي صدر، ڪراچي، لاهور، خيبرپختونخواهه، ڪوئٽا، گجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد، گجرات، ملتان، سرگودها، گوادر، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي چيمبر آف ڪامرس جي صدرن ۽ نائب صدرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير حماد اظهر، خسرو بختيار، مشير عبدالرزاق دائود، خاص مددگار شهباز گل ۽ اسٽيٽ بينڪ جو گورنر به شريڪ هئا. سڀ کان وڏي چيمبر آف ڪامرس جو حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين ۽ قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪيو.شرڪت ڪندڙن لڳ ڀڳ 4 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ، وڏي پيماني جي پيدوار ۾ 15 سيڪڙو تائين جي واڌ کي ساراهيو ۽ وزيراعظم کي ٽيڪس روينيو ۽ برآمدن ۽ ٻاهرين ملڪ مان وڌندڙ آمدني تي واڌاي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته واپاري برادري ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ حڪومت سان سڌارن لاءِ ڪم ڪندي. وزيراعظم ملڪي معيشت جي مضبوطي لاءِ صنعتي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪس نظام ۾ بهتري لاءِ سڌارا جاري آهن، وزيراعظم وفاقي وزيرن کي اسٽيڪ هولڊرن جون تجويزون ۽ مسئلا ٻڌڻ لاءِ ملاقاتون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته سياحت جي ترقي لاءِ لائحه عمل ۽ زراعت جي ترقي لاءِ گڏيل زرعي پلان  جوڙي رهيا آهيون، جڏهن ته حڪومت برآمدون وڌائڻ صنعتن کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *