سياسي پارٽين پاران چونڊ سڌارن لاءِ 13 هين ترميم آڻڻ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ملڪ ۾ چونڊن جي قانون ۾ صلاح مشوري لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪميٽي جي سربراهه سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته چونڊن واري عمل کي اثرائتو، شفاف ۽ اڻ ڌريو بڻائڻ لاءِ ملڪ جي سمورين سياسي  پارٽين آئين ۾ 13 هين ترميم آڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي.اها ڳالهه اسحاق ڊار ڪميٽي جي اجلاس جي فيصلن جا

تفصيل ڏيندي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڪئي.اسحاق ڊار چيو ته هن پارلياماني ڪميٽي ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين جي نمائندن چونڊن جي قانون کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ آئين ۾ 13 هين ترميم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.هن ڪميٽي چونڊن سان لاڳاپيل 6 مختلف قانونن جو جائزو پورو ڪري ورتو آهي ۽ ڪميٽي جي راءِ سا طئي ڪيوويو آهي  ته اثرائتن ۽ شفاف چونڊن لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي. اڃان تائين 13 هين ترميم تي اتفاق ٿيو آهي پر جيڪڏهن ڪميٽي بهتر سمجهيو ته وڌيڪ ترميمون به ڪري سگهجن ٿيون. چونڊن واري عمل ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اها ڪميٽي گذريل سال ان وقت جوڙي وئي هئي، جڏهن عمران خان چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳائي، احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي هئي. 34 رڪني ڪميٽي ۾ پارليامينٽ ۾ موجود سمورين پارٽين جي نمائندگي موجود آهي.اسحاق ڊار ٻڌايو ته هن ڪميٽي پهرين کان موجود سمورن چونڊن وارن قا نونن جو مڪمل طرح سان جائزو ورتو آهي ۽ انهن کي نون قانونن سان مٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سندس چوڻ هو ته ڪميٽي اڄ به اهو طئي ڪيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي  جي الزامن جي جاچ ڪندڙ عدالتي ڪميشن جي رپورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ چونڊن واري عمل ۾ جن خامين جو ذڪر ڪيو ويو آهي انهن کي به هن ئي ڪميٽي جي صلاحن جو حصو بڻايو ويندو ته جئين انهن ڪوتاهين کي به جڊيشل ڪميشن جي صلاحن جي روشني ۾ بهتر ڪري سگهجي.اسحاق ڊار چيو ته هن صلاحڪاري ڪميٽي پنهنجو 80 سيڪڙو ڪم پورو ڪري ڇڏيو آهي

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *